سليم ڀٽو لطيفي

سليم ڀٽو لطيفي

سليم ڀٽو لطيفي

سليم ڀٽو ’لطيفي‘: مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ميهڙ مان 1976ع ۾ ڪيائين، انٽر 1978ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان ڪرڻ بعد بي. اي (1982ع) ۽ ايم. اي انگريزي (1985ع) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪجھه وقت جونيئر اسڪول ٽيچر رهيو، 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. 1987ع ۾ سي. ايس. ايس مقابلي جو امتحان ڏئي ايڪسائيز کاتي ۾ E.T.O طور ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ مقرر ٿيو. هن وقت پراپرٽي ٽيڪس جو ڊائريڪٽر آهي.
سليم ڀُٽي لطيفيءَ جو ننڍي هوندي کان وٺي پڙهڻ ۽ لکڻ سان لڳاءُ هو، شاهه لطيف جي سُر مارئيءَ تي لکيل سندس پهريون مضمون 1988ع ۾ روزاني اخبار ’عوامي آواز‘ ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ هن شاهه لطيف جي ڪلام تي ڪم ڪرڻ لاءِ شاهه جي فقيرن: فقير محمد جمن مڱڻهار (ٺٽو)، مبارڪ لغاري، مڱيلڌي لغاري (ٽنڊو محمد خان)، محمد عمر جوکيي (ٺٽو)، سلطان احمد چانڊيي (ميرپور بٺورو) ۽ ٻين سان لڳاتار ڪچهريون ڪيون. شاهه سائينءَ جا اڻڇپيل بيت هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ان لاءِ ٻه ڀيرا هندستان به ويو. شاهه لطيف سان عقيدت ۾ ئي هن پاڻ کي ’لطيفي‘ سڏرائڻ شروع ڪيو. هي لطيفيات بابت تحقيقي مضمون لکڻ سان گڏ ’لطيفيات‘ تي ليڪچر به ڏيندو رهيو آهي. هو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پراجيڪٽ انسائيڪلوپيڊيا آف شاهه عبداللطيف جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به آهي. هن مهراڻ ٽي. وي، سنڌ ٽي. وي سميت مختلف ٽي. وي چئنلن تي لطيف شناسيءَ جي حوالي سان ڪيترا پروگرام ڪيا آهن.
2004ع ۾ ٻارڙن لاءِ ماهوار رسالو ’انڊلٺجاري ڪيائين، ان کان اڳ 1992ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار ’پورب‘ ۽ 1996ع ۾ ماهوار ’جاکوڙ‘ جاري ڪيائين، جن ۾ لطيفيات سان گڏ ٻين موضوعن تي مواد شامل هوندو هو. 2008ع ۾ رسول بخش جتوئيءَ سندس آواز ۽ ترتيب ۾ ’درس لطيف‘ جي عنوان سان ٻه سي. ڊيون رڪارڊ ڪيون.
سليم ڀُٽي لطيفيءَ هن وقت تائين لطيف جا ڪيترائي نوان بيت هٿ ڪيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’شاهه سائين جي شاعريءَ جو جديد فڪر‘ (1990ع)، ‘Shah Abdul Latif Bhittai- A star just before the down’ (1992ع)، ’شاهه جي شاعريءَ جو سچ‘ (1993ع)، ‘Horizons of shah latif poetry’(1994ع)، ’لات جا لطيف جي‘ (1994ع)، ’حقيقت هن حال جي‘چار جلد: 97-1995ع ، ’ههڙا سيڻ سڌير‘ (2003ع)، ’قدر ڪيميا ان جو‘ (2005ع)، ’اسان جو شاهه لطيف‘ (5 ڪتابچا، جيڪي ’سگا‘ جي اسڪولن ۾ چوٿين کان اٺين تائين ڪورس ۾ پڙهيا ويندا هئا: 2009ع)، ’شاهه سائينءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس‘ (2007ع)، ’شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌ جا هنر‘ (ڊاڪٽر الله رکئي ٻٽ سان گڏيل: 2008ع)، ’سائوُ هلن سامهان‘ (2009ع)، ’ڳالهه پريان جي ڳُجھه جي‘ (2013ع) شامل آهن.


لفظ سليم ڀٽو لطيفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.10.01  عيسوي

مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديدار حسين شاهه جسٽس
ايس بي جان
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
چاڳلا غلام علي
استاد نبي بخش مڱڻهار
ڄام لکپت
خواجه غلام محمد نقشبندي
محمد خان جروار
پلي حاجي محمد عالم وڏيرو
ضياء الحق ڪانڌڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون